ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ملڪ لاڙو ڀرسان انڊس هاءِ وي تي پيش آيل ڏکوئيندڙ روڊ حادثي ۾ هڪ ئي گهر جا ٽي ڀاتي زندگي وڃائي ويٺا، جنهن سبب شهر ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي آهي۔پوليس ذريعن موجب حادثو ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن موٽر سائيڪل ۽ تيز رفتار ٽرڪ وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيو۔ نتيجي ۾ محمد يعقوب ڀٽي، سندس گهرواري مسمات ملوڪان ۽ 27 ورهين جي نياڻي آسمه ڀٽي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا۔ذريعن مطابق فوتين جو واسطو ڪشمور شهر جي ڀٽي محلا سان هو ۽ اهي ڪشمور کان گلن سخي درگاهه طرف وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو۔ حادثي کان پوءِ ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي۔لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا۔ لاش گهر پهچڻ تي گهر اندر قيامت جو منظر ڏسڻ ۾ آيو، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل رهيو۔ پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جلد ذميوار ڊرائيور کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي۔










