ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لياقت آباد نمبر 4 علائقي ۾ پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته پاڻي جي ٽينڪر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، ۽ فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي.حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سال ڳري گاڏين جي ٽڪر ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 46 تائين پهچي ويو آهي.ڊمپرز ۾ 3، ٽريلرز ۾ 28، پاڻي جي ٽينڪرن ۾ 6 ۽ بس جي ٽڪر ۾ 9 ماڻهو فوت ٿيا آهن.










