ڪاٺوڙ ڀرسان حادثو، عورتن ۽ ٻارن سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪاٺوڙ ڀرسان حادثو، عورتن ۽ ٻارن سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار

ملير (ن س) ڪاٺور ويجهو هڪ آئل ٽينڪر ۽ هڪ بس سميت ڪيتريون ئي گاڏيون ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ماڻهو مارجي ويا.پوليس موجب، حادثو گڊاپ لنڪ روڊ تي هڪ ٽرڪ ۽ ڪوچ جي وچ ۾ پيش آيو، شروعاتي رپورٽن موجب ڪوچ غلط رخ ۾ وڃي رهي هئي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 3 عورتون ۽ هڪ ٻار سميت 13 ماڻهو فوت ٿي ويا، حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو پل تان ڪري پيا.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پوليس کي فوري طور تي حادثي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي ۽ حادثي واري هنڌ ۽ آس پاس جي علائقي کي فوري طور تي محفوظ بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو