شهر قائد ۾ پراڻي دشمني تي 16 سالن جو نوجوان قتل

شهر قائد ۾ پراڻي دشمني تي 16 سالن جو نوجوان قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ هڪ گهر ۾ هڪ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.واقعو سائيٽ سپر هاءِ وي جي ميريٽ سوسائٽي علائقي ۾ پيش آيو. اطلاع تي پوليس جا اعليٰ عملدار وڏي نفري سان گڏ موقعي تي پهچي ويا. ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون ۽ نوجوان جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو دشمني جو نتيجو هو. اهي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهن. فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 16 سالن جي ايان جي نالي سان ٿي آهي.پوليس اختيارين وڌيڪ چيو ته فرار ٿيل جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کي جلد ئي حراست ۾ وٺي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو