ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ملير 15 جي ويجهو هزاره ايڪسپريس جي هڪ ڪوچ پٽڙي تان لهي وئي. ريلوي عملدارن ٽريڪ کي بحال ڪيو ۽ ٽرين کي روانو ڪيو.پوليس موجب، حادثي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو. ٽرين پنجاب کان ڪراچي اچي رهي هئي.حادثي کان پوءِ، پوليس ۽ ريلوي عملدار موقعي تي پهچي ويا ۽ ٽريڪ بحال ڪرڻ کان پوءِ، هزاره ايڪسپريس کي ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن موڪليو ويو.ريلوي عملدارن موجب، آخري ٻن ڪوچن کي ٽرين کان الڳ ڪري روانو ڪيو ويو. ڪوچ جي پٽڙي تان لهڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو.










