نوشهروفيروز: ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 سڳا ڀائر فوت

نوشهروفيروز: ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 سڳا ڀائر فوت

نوشهروفيروز:(ن س ) نوشهروفيروز ڀرسان نيشنل هاءِ وي ڪوٽڙي ڪبير وٽ هڪ ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٽي سڳا ڀائر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.پوليس موجب فوت ٿيلن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جن جي سڃاڻپ جميل، شڪيل ۽ ارشاد لاشاري طور ڪئي وئي آهي. ٽئي ڀائر رات دير تائين مزدوري کان پوءِ واپس گهر اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو. ٽنهي ڀائرن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جو ماحول ڇانيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو