ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضىٰ وهاب ضلع اولهه جي منگھوپير ٽائون جي علائقي پختون آباد ۾ ڪيپٽن ڪرنل شير خان اسپورٽس گرائونڊ ۽ فيملي پارڪ جي منصوبي جو سنگِ بنياد رکيو. هن موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبداللہ مراد، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري رؤف ناگوري، ڪي ايم سي سٽي ڪائونسل ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، جمن دروان، ٽائون چيئرمين حاجي نواز بروهي، مفتی خالد، چونڊيل نمائندا ۽ علائقي جي وڏي انگ ۾ رهواسي به موجود هئا ميئر ڪراچي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ضلع اولهه ۾ راندين جي فروغ لاءِ اهو هڪ اهم منصوبو آهي ۽ نوجوانن کي معياري اسپورٽس سهولتون فراهم ڪرڻ بلديہ عظيمي ڪراچي جي اولين ترجيح آهي. هن ٻڌايو ته هن منصوبي جي مجموعي لاڳت 186.994 ملين رپين جي لڳ ڀڳ آهي جنهن ۾ سول ۽ آرڪيٽيڪچر ورڪ لاءِ 82.54 ملين رپيا، لينڊ اسڪيپنگ لاءِ 26.73 ملين رپيا، اليڪٽريفيڪيشن ورڪ لاءِ 45.98 ملين رپيا، انجنيئرنگ سهولتن لاءِ 12.29 ملين رپيا، انڊر گرائونڊ ۽ واٽر سپلاءِ لاءِ 2.18 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پبلڪ هيلٿ ۽ پلمبنگ ورڪ پڻ منصوبي جو حصو آهن. هن چيو ته اسپورٽس گرائونڊ 14,730 اسڪوائر يارڊ علائقي تي مشتمل هوندو جتي فٽبال ۽ ڪرڪيٽ لاءِ الڳ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. منصوبي ۾ 8 فٽ ويڪر جو جاگنگ ٽريڪ، شجرڪاري، باونڊري وال ۽ مين گيٽ جي تعميرِ نو، نئين پويليون جي تعمير ۽ پارڪنگ سهولت شامل آهي، جڏهن ته موٽر سائيڪل ۽ گاڏين لاءِ وسيع پارڪنگ ايريا مختص ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته فيملي پارڪ لڳ ڀڳ 2,705 اسڪوائر يارڊ علائقي تي قائم ڪيو ويندو، جتي جاگنگ ٽريڪ، گرين ايريا، گزيبو، ويهڻ جون بينچز ۽ ٻارن لاءِ راندين جو علائقو ٺاهيو ويندو، جڏهن ته اسٽريٽ لائيٽس ۽ پارڪ لائيٽس جي تنصيب پڻ منصوبي ۾ شامل آهي.ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضىٰ وهاب چيو ته پختون آباد ۾ هي گرائونڊ چائنا ڪٽنگ ۽ قبضه مافيا کان محفوظ رهيو، پر هتي راندين جون سهولتون نه هجڻ سبب نوجوان محروم هئا ۽ گرائونڊ خالي هجڻ جي ڪري قبضه جو خطرو به موجود هو. هن چيو ته مقامي تنظيم ۽ چونڊيل نمائندو مفتی خالد هن مسئلي جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻڌايو ته علائقي ۾ بزرگن، عورتن ۽ ٻارن لاءِ گرائونڊ ۽ فيملي پارڪ جي سهولت موجود نه هئي. ميئر چيو ته مٽي واري زمين کي جديد ۽ بهترين اسپورٽس گرائونڊ ۾ تبديل ڪيو ويندو. “پاڪستان پيپلز پارٽي جڏهن ڪا اعلان ڪندي آهي ته ان کي پورو ڪندي آهي ۽ اهو رواج هتي به جاري رکيو پيو وڃي.” هن چيو ته ساڳيو ڪي ايم سي، ساڳيا قانون، اختيار ۽ وسيلا موجود آهن، فرق صرف قيادت ۽ نيت جو آهي ۽ وسيلا ايمانداري سان عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪيا ويندا.هن چيو ته بلديہ عظيمي ڪراچي بين الاقوامي معيار جو ڪرڪيٽ گرائونڊ، فٽبال گرائونڊ، پارڪ ۽ واڪنگ ٽريڪ تعمير ڪري رهي آهي، جڏهن ته منصوبو جون جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ميئر چيو ته ضلع اولهه ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن ۽ گذريل هفتي ڊيڊيڪس روڊ جو سنگِ بنياد پڻ رکيو ويو، جيڪو گذريل چاليهن سالن ۾ تعمير نه ٿي سگهيو هو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهر جي خدمت جي جذبے سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ عوامي وسيلا عوام جي بھلائي تي خرچ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان ٻين وانگر خالي زمين ڏسي ان کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ٿا ڪريون، پر راندين جا ميدان ۽ پارڪ ٺاهي شهرين کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪري رهيا آهيون.ميئر چيو ته موجوده سال ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم جو سال آهي ۽ شهر تي 46 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، جن جا نتيجا عملي طور تي نظر اچي رهيا آهن. ان کان علاوه 8.5 ارب رپين جي وڌيڪ ترقياتي منصوبن جي منظوري پڻ حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن سان شهر ۾ بنيادي ڍانچي جي بهتري جو عمل وڌيڪ تيز ٿيندو. هن ٻڌايو ته حب ريزروائر جي صفائي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، جتي گذريل 45 سالن کان 15 فٽ تائين مٽي جمع ٿي چڪي هئي. 15 ايم جي ڊي ۾ ساڍي 7 ايم جي ڊي جي صفائي مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته باقي ساڍي 7 ايم جي ڊي تي ڪم جاري آهي، جيڪو ايندڙ ڪجه ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو.ميئر چيو ته 5.5 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي جي سڀني ستن ضلعن ۾ 25 نيون سڙڪون تعمير ڪيون وينديون، جيڪي مختلف شاهراهين کي آپس ۾ ڳنڍينديون، جنهن سان شهرين کي آمدورفت ۾ نمايان سهولت ملي ٿي ۽ ٽريفڪ مسئلن ۾ به گهٽتائي ايندي. هن چيو ته منگھوپير جي هڪ ٻي يونين ڪائونسل ۾ ڪميونٽي سينٽر جو افتتاح پڻ ڪيو ويندو، جڏهن ته يوسف گوٺ ۾ نالا ۽ سيوريج جا ڪم مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اتي جو پمپنگ اسٽيشن سولر سسٽم تي منتقل ڪيو ويو آهي. ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضىٰ وهاب چيو ته شهر ۾ جاري ترقياتي ڪم ۾ اتحادي جماعتون پڻ ساڻ کڙيون آهن ۽ سڀني کي گڏ وٺي بغير ڪنهن امتياز جي ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪيو پيو وڃي، ڇو ته ڪراچي مختلف مذهبن، قوميتن ۽ سوچ رکندڙ ماڻهن جو گلدستو آهي. هن چيو ته ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪم ٿيڻ لڳل نظر به ايندو، هي منهنجو شهر آهي ۽ ان جا ماڻهو منهنجا پنهنجا آهن، اسان سڀني کي گڏجي شهر جي بھتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ميئر چيو ته شهر ۾ حقيقي بھتري جو سفر پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ جاري رهندو ۽ ڪراچي جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضىٰ وهاب چيو ته شهر ۾ جاري ترقياتي ڪم دوران ڪجهه عناصر پاران بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن، پر بلديہ عظيمي ڪراچي ڪم جي رفتار کي گهٽ نه ٿيڻ ڏيندو ۽ منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪو ٺيڪيدار ڪم نه ٿو حاصل ڪري، اهو شڪايتون ۽ الزام تراشي شروع ڪري ٿو، پر اسان جي ترجيح آهي ته ڪم کي شفاف انداز ۾ گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي.ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جو جواب ڏيندي ميئر چيو ته جڏهن ترقياتي منصوبا شروع ٿين ٿا ته سوالات ۽ اعتراضات پڻ ظاهر ٿين ٿا، جنهن سبب ڪڏهن ڪڏهن ڪم ۾ دير ٿيندي آهي، پر شهر جي بھتري لاءِ عملي قدم جاري رهندا. “ڪراچي بھتر ٿيندو ته ملڪ جي مجموعي صورتحال به بھتر ٿيندي.” هن چيو هن وزيراعظم ۽ وفاقي وزرا کي اپيل ڪئي ته ڪراچي جي ترقي لاءِ بلديہ عظيمي ڪراچي جو ساٿ ڏين ۽ شهر لاءِ خصوصي پيڪيج جو اعلان ڪن. وفاقي حڪومت جي حمايت سان ترقياتي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي ايندي ۽ شهري مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي.ميئر چيو ته بجيٽ ۾ ڪراچي جي چار ڪوريڊورز جي منظوري حاصل ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت انهن منصوبن جي ٽينڊرنگ جو عمل جاري آهي. هن چيو ته پهلوان گوٺ سميت مختلف علائقن ۾ سڙڪن جي خراب حالت کان واقف آهيون ۽ مرزا آدم خان روڊ کي گارڊن کان مڇر ڪالوني تائين ٻيهر تعمير ڪيو ويندو، جڏهن ته صهبا اختر روڊ ۽ ميشيم روڊ پڻ منصوبي ۾ شامل آهن.هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جا ذاتي مفاد ۽ نمائشي بيان ماضي ۾ شهر کي نقصان پهچايو، پر موجوده بلدياتي قيادت عملي قدمن تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪراچي جي هر علائقي تائين پاڻي جي فراهمي اسان جو مقصد آهي ۽ انهي لاءِ حب ڊيم، ڪي فور منصوبو، ڊي سيلينيشن ۽ پاڻي جي ري سائيڪلنگ منصوبن تي ڪم جاري آهي.ميئر چيو ته شهري کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي ۽ ترقياتي منصوبن ذريعي شهر جا مسئلا حل ڪيا ويندا. آخر ۾ هن قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته دعا آهي ته پاڪستاني رانديگر ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن.










