ڄامشورو: (ن س) آءِ جي سنڌ ڄامشورو ۾ هڪ خانه بدوش عورت جي اغوا، زيادتي ۽ قتل جي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڊي آءِ جي حيدرآباد کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي، واقعي جي شفاف، غير جانبدار ۽ جامع جاچ کي يقيني بڻائيندي ۽ متاثره جي خاندان کي قانوني تحفظ ۽ هر ممڪن مدد جو حڪم ڏنو آهي.آءِ جي سنڌ جي ترجمان چيو ته جاويد عالم اوڍو متاثره جي مڙس جي شڪايت تي داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي فوري گرفتاري جو به حڪم ڏنو آهي.










