حيدرآباد (ن س) سنڌ آبادگار بورڊ ڳچ وقت کان زراعت جي شعبي ڏانھن حڪومت جي بي ڌياني ۽ ڪڻڪ جي پاليسي واضح نہ ٿيڻ تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو آھي تہ حڪومت جي ان بي ڌياني سان زراعت جي شعبي کي وڏو نقصان ٿي رھيو آھي. ڪڻڪ جون ٻہ مندون گذرڻ باوجود حڪومت اڃان تائين ڪڻڪ جي پاليسي واضح نہ ڪري سگھي آھي.حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس سينيئر نائب صدر سيد نديم شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، سيد زين شاھ، ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، محمد ملوڪ نظاماڻي، اسلم مري، عمران بوزدار، طاحا ميمڻ، ملڪ محمد نظاماڻي، امير علي ٿيٻي، شاھنواز برماڻي، مراد علي شاھ بڪيرائي ۽ مختلف ضلعن جي آبادگارن شرڪت ڪئي.سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي تہ گذريل ٻن سالن کان ڪڻڪ جي نہ تہ خريداري ڪئي ٿي وڃي ۽ نہ ئي وري ان بابت ڪا پاليسي واضح ٿي ڪئي وڃي جنھن ڪري آبادگار مونجھاري جي ور چڙھيل آھي، کليل مارڪيٽ جو حال اھو آھي ڪڻڪ لھڻ مھل آبادگارن کان انتھائي گھٽ اگھ تي خريد ڪئي وڃي ٿي ۽ اڳتي ھلي اھا مھانگي ڪئي وڃي ٿي جنھن سان ھڪ پاسي آبادگارن کي نقصان ٿئي ٿو ته ٻئي پاسي اٽو مھانگو ٿيڻ سان عام ماڻھو متاثر ٿئي ٿو.سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو تہ حڪومت طرفان ڪڏھن ڪڻڪ جو اگھ 3500 روپيا مقرر ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي ٿي وڃي تہ ڪڏھن وري پرائيويٽ سيڪٽر جي ذريعي خريداري جي ڳالھ ڪئي ٿي وڃي پر اڃان تائين ڪو بہ حتمي فيصلو نہ ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اھو واضح ڪري تہ ڪڻڪ بابت ڪھڙي پاليسي آھي.سنڌ آبادگار بورڊ افغانستان سان واپار بند ٿيڻ سبب زراعت تي ان جي پوندڙ خراب اثرن تي پڻ ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو تہ افغانستان سان واپار بند ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي زرعي معيشت کي وڏو ڌڪ لڳو آھي، ڪيلي جا اگھ اڌ تائين گھٽجي ويا آھن، ڀاڄين جا اگھ وڏي پيماني تي ڪري پيا آھن ان کان علاوه ھاڻ انبن جي مند ۾ انبن جو واپار سخت متاثر ٿيڻ جا امڪان نظر اچي رھيا آھن، ان ڪري حڪومت کي ان معاملي ۾ ڪو متبادل حل ڪڍڻ گھرجي يا ڪا ٻي بھتر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي جنھن سان زرعي معيشت کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگھجي.سنڌ آبادگار بورڊ اڻ لاڳاپيل حڪومتي فورمن تي تڪراري ڪينالز جي معاملي کي غور هيٺ آڻڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪجهه وقت کان حڪومت جي اڻ لاڳاپيل فورمن تي تڪراري ڪينالز جي معاملي تي غور ڪرڻ جهڙا عمل ٿيندي نظر آيا آهن جيڪي آئين کان مٿانهان آهن ڇو ته اهڙن معاملن تي رڳو ڪنهن وڏي آئيني فورم تي ئي غور ڪري سگهجي ٿو، اهڙا معاملا ٻين اڻ لاڳاپيل فورمن تي آڻڻ نه رڳو سي سي آءِ جهڙن آئيني فورمن جي ذميوارين ۾ ناجائز مداخلت آهي پر انهن عملن سان قومي اتحاد ۽ اعتماد وارو ماحول پڻ متاثر ٿئي ٿو. ان ڪري اهڙن عملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ان جي ڀيٽ ۾ حڪومت کي پاڻي جي گهٽ استعمال سان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هن وقت اسين فصلن جي جيڪا پيداوار حاصل ڪريون پيا سا ڀارت جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو پاڻي استعمال ڪرڻ سان ئي ملي پئي. ان ڪري حڪومت کي ان پاسي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇو ته هن وقت اسان جو ملڪ پاڻي جي کوٽ کي به منهن ڏي پيو ۽ پيئڻ جي پاڻي جي گهرج پڻ لاڳيتو وڌي رهي آهي، ان ڪري جيڪڏهن زراعت ۾ پاڻي جو استعمال وڌيڪ ٿيندو ته ان جا اثر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جي صورت ۾ پڻ سامهون ايندا.سنڌ آبادگار بورڊ دادو ڪينال ۾ پاڻي کڻڻ جي سگھ گھٽ ٿيڻ سبب آبادگارن جي متاثر ٿيڻ تي پڻ ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو تہ اھو معاملو گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيئن جو تيئن موجود آھي تہ ھڪ پاسي اھو پاڻي گھربل مقدار کان گھٽ کڻي رھيو آھي تہ ٻي پاسي ان جي کاٽي بہ نہ پئي کڻائي وڃي جنھن ڪري پڇڙي تائين پاڻي نہ ٿو پھچي. سنڌ آبادگار بورڊ مطالبو ڪيو تہ دادو ڪينال جي ترت ئي کاٽي ڪرائي وڃي ته جيئن مارچ ۾ آبادگارن کي گهربل پاڻي ملي سگهي.سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ آبادگارن کي وونڻن جا معياري ٻج نه ملڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته زرعي تحقيق سنڌ واري اداري معياري ٻجن جي معاملي ۾ ڪا به اهم اڳڀرائي نه ڪئي آهي، نه ئي وري آبادگارن کي انهي بابت ڪا سُڌ ڏني ٿي وڃي، جنهن ڪري ان معاملي تي خاص ڌيان ڏئي آبادگارن کي پوکي جي جديد گهرجن موجب بيمارين کان بچڻ جي سگهه رکندڙ ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ معياري ٻج ڏياريا وڃن.










