ڪراچي ۾ مختلف حادثا، 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ڪراچي ۾ مختلف حادثا، 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حادثن ۾ ٻه ماڻهو فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا.ڪراچي جي اورنگي علائقي ۾ گلشن بهار پاڪستان بازار ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار مارجي ويو.پوليس موجب، ٽڪر هڻندڙ ڊمپر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو