ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لانڍي علائقي جي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ ٻن ڪارخانن ۾ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ٿڌي ڪرڻ جو عمل جاري آهي.باهه پلاسٽڪ، استعمال ٿيل ڪپڙن ۽ جوتن جي ڪارخانن ۾ لڳي.چيف فائر آفيسر موجب، باهه هڪ ڪارخاني کان ٻي ڪارخاني ۾ پکڙجي وئي، جڏهن ته ٽئين ڪارخاني کي بچايو ويو.باهه، جنهن کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو آهي، جمعي جي رات 9:45 وڳي لڳي.










