ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)پوليس خيابان اتحاد ۾ ڊجيٽل اشتهاري اسڪرين تي فحش وڊيو هلائڻ جي الزام ۾ هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو آهي.پوليس موجب، گذريل ڏينهن گزري پوليس اسٽيشن ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ڪارروائي ڪندي شڪي کي گرفتار ڪيو ويو. شڪي شخص اشتهاري ڪمپني جو ملازم آهي.ايف آءِ آر موجب، ڪمپني جي آپريشن ڊائريڪٽر فون تي ٻڌايو ته فيز 8 ۾ نصب ٿيل ايس ايم ڊي اسڪرين تي غير اخلاقي وڊيو ڪلپس وقفي وقفي سان هلي رهيون هيون. اطلاع ملندي ئي اسڪرين کي فوري طور تي بند ڪيو ويو.اختيارين موجب، احتياطي تدبير جي طور تي، ڊي ايڇ اي جي مکيه شاهراهن کان علاوه شاهراه فيصل ۽ ڪارساز روڊ تي نصب ٿيل ڪيتريون ئي ڊجيٽل اشتهاري اسڪرينون پڻ عارضي طور تي بند ڪيون ويون.










