ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي چڙيا گهر ۾ سالياني گلن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪراچي جي ميئر چيو ته ڪراچي چڙيا گهر کي تفريحي ۽ ماحول دوست جڳهه بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪراچي چڙيا گهر ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي، ۽ چڙيا گهر ۾ جانورن جي بهتر سار سنڀال ۽ سهولتون اسان جي ترجيح آهن. ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته گلن جي نمائش جو مقصد ٻوٽن، وڻن ۽ ماحول جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي چڙيا گهر ۾ وڻ لڳائڻ ۽ سائي علائقن کي وڌايو پيو وڃي، ۽ ڪراچي چڙيا گهر ۾ شهرين لاءِ ثقافتي سرگرميون پڻ منعقد ڪيون ويون آهن. ميئر ڪراچي چيو ته اسان ڪراچي ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺا آهيون، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي بهتري ۽ ترقي جو سفر جاري رکندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ هر ڪو منشور سان گڏ بيٺو آهي ۽ سخت محنت ڪندو.










