بورڊز طرفان امتحاني فيس وصول ڪرڻ جو نوٽيس

بورڊز طرفان امتحاني فيس وصول ڪرڻ جو نوٽيس

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار علي شاهه ڪجهه تعليمي بورڊز طرفان امتحاني فيس وصول ڪرڻ جي شڪايت جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير تعليم سردار علي شاهه امتحاني فيس وصول ڪرڻ جي شڪايت تي نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم مفت آهي، فيس يا آءِ ٽي چارجز جي نالي تي رقم وصول نه ڪئي وڃي.هن چيو ته تعليم کي بنيادي حقن جي طور تي تسليم ڪريون ٿا. داخلا کان وٺي امتحان جي مرحلي تائين فيس جو مرحلو ختم ٿي چڪو آهي.انهي حوالي سان تعليم واري وزير سيڪريٽري ڪاليجز کي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته بورڊز طرفان فيس نه وصول ڪرڻ جي حڪمن کي هر صورت ۾ يقيني بنايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو