سيوهڻ: (ن س) اٽلي کان سياحن جو هڪ وفد حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي سيوهڻ شريف پهتو.رپورٽن موجب، اطالوي سياحن حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي زيارت ڪندي تصويرون ڪڍيون ۽ مزار جا مختلف منظر پنهنجن ڪئميرائن ۾ محفوظ ڪيا.اٽلي کان ايندڙ سياحن چيو ته پاڪستان هڪ خوبصورت ملڪ آهي ۽ هتي اچڻ کان پوءِ انهن کي تمام گهڻو سٺو محسوس ٿيو. قلندر لعل شهباز جي مزار تي غير معمولي رش آهي ۽ مذهبي سببن جي ڪري هتي وڏي تعداد ۾ ماڻهو ايندا آهن.سياحن مزار تي زائرين جي وڏي تعداد تي حيرانگي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اٽلي کان ايندڙ هڪ عورت سياح مزاحيه انداز ۾ چيو ته هوءَ مزار ۾ ماڻهن جي وڏي تعداد کي ڏسي پريشان ٿي وئي ۽ شايد هوءَ ڪٿي گم ٿي وڃي.سياحن وڌيڪ چيو ته حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي زيارت ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ذهني سڪون مليو ۽ هتي جو ماحول تمام گهڻو پرسڪون ۽ خوشگوار آهي.










