ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي کي ٽيليفون ڪيو ۽ بلوچستان ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن ۽ بيگناهه شهرين کي خراج تحسين پيش ڪيو.سنڌ جي گورنر چيو ته سڄي قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي، ۽ دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهي، ڪجهه دهشتگرد بچي نه سگهندا.ان کان اڳ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته مفاهمت جي پاليسي جي ڪري دهشتگردي جا واقعا وڌي ويا آهن.هن چيو ته جڏهن به دهشتگرد شهرن ۾ ڪارروائي ڪندا آهن ته اهي انسانن کي ڍال طور استعمال ڪندا آهن.










