دادو انڊس هاءِ وي تي حادثو، پنج ڄڻا زخمي

دادو انڊس هاءِ وي تي حادثو، پنج ڄڻا زخمي

دادو(ن س)دادو انڊس هاءِ وي تي قائم اڳوڻي ڊي ايم هوٽل ڀرسان تيز رفتار ڪار الٽي ٿي وئي تيز رفتاري سبب ڪار الٽجڻ ڪري پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا شديد زخمين کي 1122 ايمبولينس ذريعي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو.زخمين ۾ محي الدين، مدثر، حسيب ۽ مزمل شامل آهن ٻن زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو مان سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو.ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو ۾ سهولتن جي کوٽ سبب زخمين کي ريفر ڪرڻ معمول بڻجي ويو دادو جي سڄاڻ ڌرين پاران لمس اسپتال انتظاميا کان فوري طور مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد صحت جون سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن جئين اسپتال ايندڙ ايمرجنسي جي وقت مريضن کي ڪنهن ٻي اسپتال ريفر ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿي سگهي؛

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو