ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ پنهنجو ڪم ڪن، پر عوام کي تڪليف نه ڏين.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جماعت اسلامي وٽ صرف هڪ صوبائي سيٽ آهي، احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر احتجاج ڪندڙن کي گهرجي ته هو پنهنجو ڪم ڪن عوام کي تڪليف نه ڏين.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اڃان تائين بلدياتي چونڊون ئي نه ٿيون آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ بلدياتي نظام موجود آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن شاهراهه فيصل 3 کان 4 ڪلاڪن تائين بلاڪ رهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ بلاڪ نه ٿيڻ گهرجي ها.گل پلازه سانحي بابت ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه چيو ته مان انهي واقعي تي تمام گهڻو ڏکويل آهيان، انهي جي جوڊيشل انڪوائري جا حڪم اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته گل پلازه سانحي کي سياسي مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. حالانڪه انهي المناڪ واقعي تي سموري قوم ڏکويل آهي، انهي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گل پلازه واقعي ۾ فوت ٿي ويل 26 ڄڻن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ روپين جا چيڪ پهچايا ويا آهن انهي موقعي تي ڪنهن به قسم جي مشهوري نه ڪئي وئي. هن چيو ته جڏهن متاثرين کي 26 چيڪ ڏنا ويا ته ڪنهن کي خبر به نه پئي ڇو ته اسان متاثرين جي مدد تصويرن يا سياسي فائدي لاءِ نه ڪندا آهيون.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، جتي فيصلا ڪرڻا هوندا اتي بنا ڪنهن خوف جي فيصلا ڪيا ويندا. هن انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته حڪومت متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪندي.جماعت اسلامي جي گذريل ڏينهن واري ڌرڻي ۽ حافظ نعيم الرحمان جي سنڌ حڪومت تي تنقيد بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته هي ماڻهو جنهن کي قابض ٽولو چيو ويندو آهي اهو عوام جي ووٽن سان آيو آهي، عوام پيپلز پارٽي تي ڀروسو ڪيو آهي، حافظ نعيم کي چوان ٿو ته صوبائي اسيمبلي ۾ اچي يا پنهنجي سيٽ خالي ڪري.مراد علي شاهه چيو ته ڪالهه ٽن کان چار ڪلاڪن تائين شاهراهه فيصل بلاڪ رهيو جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها، روڊ بلاڪ ٿيڻ سان عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هاڻ اسان وڏن شاهراهن تي ڌرڻن ۽ احتجاج جي خلاف سختي ڪنداسين. هن چيو ته مون به حافظ نعيم الرحمان جو ڌرڻو ڏيڻ جو بيان ٻڌو آهي. حافظ نعيم الرحمان کي سنڌ اسيمبلي جي سيٽ ملي آهي اهو پنهنجي تڪ جي عوام جو خيال ڪري يا پوءِ سيٽ ڇڏي ڏئي ته جيئن تڪ جي عوام نمائندگي کان محروم نه رهي.










