ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ کان ست ڏينهن جي پوليو خلاف مهم شروع ٿيندي. مهم دوران، 5 سالن تائين جي 21 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.بلوچستان ۾ اڄ کان پوليو خلاف مهم پڻ شروع ٿيندي. مهم جو مقصد 26 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ آهي.پوليو مهم ۾ 11 هزار ٽيمون حصو وٺنديون، جڏهن ته ڪارڪنن سان گڏ پوليس اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن.










