جهانگير روڊ اڄ کان هڪ هفتي لاءِ ٽريفڪ لاءِ بند

جهانگير روڊ اڄ کان هڪ هفتي لاءِ ٽريفڪ لاءِ بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٽين هٽي کان گرو مندر تائين جهانگير روڊ اڄ کان ايندڙ هڪ هفتي تائين ٽريفڪ لاءِ بند رهندو.ٽريفڪ پوليس موجب، روڊ ترقياتي ڪم جي ڪري بند ڪيو ويو آهي. روڊ بند ٿيڻ جي ڪري متبادل رستا فراهم ڪيا ويا آهن.ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ٽين هٽي کان گرو مندر تائين ٽريفڪ کي جيل چورنگي ڏانهن موڙيو ويندو.ٽريفڪ پوليس موجب، ڳري ڪمرشل گاڏين کي دکن چورنگي کان عسڪري پارڪ يا چورنگي نمبر 1 ناظم آباد تائين رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو