ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي مذمت ڪندي رد عمل جي طور تي ڀاڙن ۾ 4 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو.صدر پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته وفاقي حڪومت طرفان ڊيزل جي قيمت ۾ اضافي جي مذمت سان گڏوگڏ ڀاڙا 4 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان ڪريون ٿا. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان هر پاڪستاني شهري متاثر ٿيندو آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ٽرانسپورٽر کي ڀت سان لڳائڻ چاهي ٿي، وفاقي حڪومت اسان جي تازو ڪيل هڙتال ۾ کي سان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو يقين ڏياريو هو.هن چيو ته تازي هڙتال ۾ ڪيترن ئي مسئلن تي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت طرفان اسان سان جيڪو معاهدو ڪيو ويو هو انهي تي به عمل نه ٿي رهيو آهي.ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته مواصلات واري وزير عبدالعليم خان جيڪو واعدو ڪيو هو موٽر وي پوليس انهي کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جي خواهش آهي ته اسان ٻيهر سموري ملڪ ۾ هڙتال ڪريون. هن چيو ته اسان سان ڪيل معاهدن تي عمل نه ڪيو ويو ته اسان ٻيهر سموري ملڪ ۾ هڙتال ڪنداسين، سموري نقصان جي ذميواري وفاقي ۽ پنجاب حڪومت تي هوندي.ياد رهي ته وفاقي حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ 11 روپيه 30 پئسا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 268 روپيه 38 پئسا ٿي وئي آهي. وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 253 روپيه 18 پئسا برقرار رکي آهي.










