ميرپورخاص: (ن س) پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد مرزا واٽر وٽ مڙس پاران مبينه ڪارنھن الزام ھيٺ ڪھاڙين جا وار ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جھڙٻي واري علائقي ڀرسان ڳوٺ مرزا واٽر ۾ ڳوٺاڻي ڪشور ڪولھي پاران مبينه ڪارنھن الزام ھيٺ پنھجي زال 35 ورهين جي باجوڙي ڪولھڻ کي گھر ۾ ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏھن ته واقعي بعد ڳوٺ ۾ خوف واري صورتحال ڇائجي وئي.اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول عورت جي مڙس ڪشور ڪولھي کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل ڪھاڙي ھٿ ڪرڻ بعد مقتول عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب زال مڙس ۾ گهريلو اڻبڻت سبب واقعو پيش آيو آھي جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي کائنس پڇا ڳاڇا بعد وڌيڪ حقيقت معلوم ٿي سگهندي.










