نپا وائرس جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو: ايڊوائزري جاري

نپا وائرس جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو: ايڊوائزري جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي هندستان ۾ نپا وائرس بابت هڪ ايڊوائزري جاري ڪئي آهي.ايڊوائزري موجب، پاڪستان ۾ نپا وائرس جو ڪو به ڪيس رپورٽ نه ٿيو آهي.هي وائرس جانورن کان انسانن ۾ ۽ انسانن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو.ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته هن وائرس جي شروعاتي علامتن ۾ بخار، مٿي جو سور، کنگهه، جسم ۾ سور ۽ الٽي شامل آهن.نپا وائرس جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا.سنڌ جي صحت کاتي چيو آهي ته صورتحال تي ويجهي نظر رکي پئي وڃي، سڀئي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالون الرٽ رهن ۽ وفاقي صحت وزارت جي هدايتن تي عمل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو