ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نئون مقرر ٿيل اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ميانداد راهوجو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سان ملاقات ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ ميانداد راهوجو کي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران صوبي ۾ مالي انتظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، ادائيگي جي نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ سرڪاري فنڊن جي صحيح ۽ وقت سر استعمال سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ان موقعي تي هدايتون جاري ڪيون ته سرڪاري ملازمن جي واجبات ۽ ٻين مالي ادائيگين جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوامي خدمت جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي عهدي تي اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي تمام اهم ذميواري آهي، ۽ مالي معاملن ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي اصولن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ميانداد راهوجو چيف سيڪريٽري سنڌ کي اداري جي گڏيل ڪارڪردگي، جاري قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. هن اڪائونٽنٽ جنرل آفيس ۾ مالي نظم و ضبط، شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اجلاس ۾ صوبي ۾ بهتر مالي گورننس ۽ سرڪاري وسيلن جي اثرائتي استعمال بابت مختلف تجويزن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.










