ڏهرڪي ( رپورٽ منظور لغاري )ڏهرڪي ۾ سکر واسي نجي بينڪ جي مينيجر جو گهر مان پراسرنموني طور لاش هٿ اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي خبر موجب ڏهرڪي جي ظفر بازار ۾ سکر واسي نجي بينڪ جي مينيجر سيد اظهر شاه جو گهر مان پراسرنموني طور لاش هٿ آيو آهي جنهن بعد اهڙي اطلاع تي ڏهرڪي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته سيد اظهر شاه سکر واسي هو جيڪو نجي ايڇ بي ايل بينڪ ڏهرڪي برانچ ۾ مينيجر طور ڪري رهيو هو جنهن جو سندس گهر مان لاش مليو آهي جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي










