لغاري برادري جي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو نبيرو،ڌريون کيرکنڊ

لغاري برادري جي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو نبيرو،ڌريون کيرکنڊ

دادو (رپورٽر)ڪاڇي جي ڳوٺ ميرڻ ڪوٽ ۽ ڳوٺ پير بخش دولتاڻي سان واسطو رکندڙ لغاري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڏهن سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جو اڄ نبيرو ڪيو ويو۔هي نبيرو سردار حاڪم خان نوحاڻي ۽ ايم پي اي جوهي ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري جي سرپنچي هيٺ عمل ۾ آيو۔ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون غور سان ٻڌڻ کان پوءِ ڌرين کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪيو ويو ۽ قرآن پاڪ تي دعا گهري وئي۔ان موقعي تي ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي خلاف داخل ڪيل سڀ ڪيس ختم ڪرڻ، تڏو ميڙ ڪرائڻ ۽ مستقبل ۾ هميشه لاءِ امن، پيار ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جو وچن ڪيو۔نبيري واري تقريب ۾ پيپلزپارٽي تعلقي جوهي جو اڳواڻ رئيس عبدالجبار خان لغاري، يونين ڪائونسل پٽ گل محمد جو اڳوڻو يوسي چيئرمين رئيس لطف خان لغاري، سيٺ عبدالرزاق لغاري، حاجي معشوق لغاري، شاهه محمد لغاري سميت علائقي جون ٻيون معزز شخصيتون به وڏي انگ ۾ موجود هيون۔علائقي واسين هن فيصلي کي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هي قدم علائقي ۾ مستقل امن ۽ ڀائيچاري جو سبب بڻجندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو