دادو (ن س)سنڌ جي تفريحي هنڌ گورک هِل اسٽيشن تي سياري جي پهرين برفباري ٿي آهي، جنهن سان ٿڌ جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي.دادو ضلعي ۾ کيرٿر جي دامن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي واقع گورک هِل اسٽيشن تي برفباري کان پوءِ موسم جادوئي ٿي وئي.گورک هِل اسٽيشن تي برفباري کان پوءِ گرمي پد مائنس 2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي ويو.هي مهراڻ وادي ۾ واحد بلند ترين تفريحي، ٿڌي ۽ سڀ کان وڌيڪ هوا وارو هنڌ آهي، جتي ڪجهه سالن کان پوءِ سياري ۾ برفباري ٿيندي آهي.










