اهم وزيرن ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي سيڪيورٽي واپس

اهم وزيرن ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي سيڪيورٽي واپس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اهم وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جي سيڪيورٽي اوچتو واپس ورتي وئي.ذريعن موجب وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.ان کان علاوه، سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي جي سيڪيورٽي به واپس ورتي وئي.ايم ڪيو ايم جي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ اڳواڻن سيڪيورٽي هٽائڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته کيس سيڪيورٽي واپس گهرائڻ جو سبب نه ٻڌايو ويو، ۽ شايد گل پلازه واقعي تي تنقيد سبب هجي. متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ چيو ته هو گل پلازه واقعي بابت سوال اٿاريندو رهندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هن صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس طلب ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو