ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ گهٽ آمدني وارن 2 لک ماڻهن کي سولر پينل فراهم ڪرڻ جي منصوبي ۾ 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جي نيب جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سنڌ توانائي کاتي جي سولر پينل منصوبي ۾ 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو، جنهن تي نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾، سنڌ جي وڏي وزير نيب جي نوٽيس کان پوءِ رڪارڊ ۽ تفصيل نيب کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ذريعن موجب، ٺيڪو کٽيندڙ ڪمپني تي الزام آهي ته هن جعلي دستاويزن ذريعي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. اهو منصوبو ورلڊ بينڪ کان 100 ملين ڊالر جي قرض سان لاڳو ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب، ٺيڪيدار، منصوبي جي عملي جي ملي ڀڳت سان، گهربل تعداد ۾ سولر يونٽ فراهم نه ڪيا، جيتوڻيڪ دستاويزن ۾ ان کي مڪمل ڏيکاريو ويو هو. نيب پنهنجي جاچ خط ۾ چيو آهي ته هن معاملي ۾ جاچ کي بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ ڏنو وڃي، ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي ڪنهن به مرحلي تي هن معاملي ۾ ڪا به جاچ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن دائري اختيار کي اوورليپ ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي قانوني پيچيدگي کان بچي سگهجي.










