ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ۽ سنڌ رينجرز ڪراچي جي گارڊن علائقي ۾ آپريشن ڪندي ٻن ڀتا خورن کي ماري ڇڏيو.سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ حسن عرف بيلچا ۽ تنوير عرف ٽيٽر طور ٿي آهي. مارجي ويل جوابدارن جو تعلق ڀتا خوري مافيا جي سربراه جميل چنگا ۽ زاهد لاڊلا گروپ سان هو.هن چيو ته جوابدار سولجر بازار ۽ جمشيد ٽائون ۾ ڀتا خوري ۾ ملوث هئا. جوابدار ڪاروباري مرڪزن، دڪاندارن، بلڊرز ۽ ريسٽورنٽ کان ڀتا خوري وٺي رهيا هئا.هن چيو ته جوابدار فائرنگ ڪرڻ ۽ ڀتا خوري نه ڪرڻ تي خوف ۽ هراس پکيڙڻ ۾ ملوث هئا. جوابدار اسٽريٽ ڪرائم جي 300 کان وڌيڪ واقعن ۾ پڻ ملوث هئا.سنڌ رينجرز جي ترجمان اهو به چيو ته مارجي ويل جوابدار عادتاً ڏوهاري هئا ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽي چڪا هئا.










