ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ کان پوءِ اڄ گرمي پد ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي چيو ته ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 22 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، شهر جي هوا ۾ نمي جو تناسب 48 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










