راجن پور: ڪچي ۾ آپريشن، 79 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

راجن پور: ڪچي ۾ آپريشن، 79 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

راجن پور (ن س )راجن پور ۾ پنجاب پوليس جي آپريشن دوران 79 وڌيڪ ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا.راجن پور ۾ پنجاب پوليس جي آپريشن ۾، انتهائي گهربل ٽولن مان 79 وڌيڪ ڌاڙيلن موت جي خوف کان پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا.راجن پور پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن جو ڪُل تعداد 176 تائين پهچي ويو آهي.پنجاب پوليس موجب، بدنام ڌاڙيل مجيب جنهن جي سر جي قيمت 1 ڪروڙ رپيا، متارا سکاڻي جنهن جي سر جي قيمت 5 لک رپيا ۽ نواب سکاڻي جنهن جي سر جي قيمت 2.5 ملين رپيا آهي، انهن ۾ شامل آهن.پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته راجن پور ۾ هاڻي تائين 5 ڌاڙيل جن جي سر جي قيمت 1 ڪروڙ رپيا آهي، هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. گرفتار ٿيل ڌاڙيل اغوا لاءِ تاوان، قتل ۽ ڦرلٽ سميت درجنوں سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا.پوليس ڌاڙيلن جي 27 لڪيل جڳھون ۽ بنڪر تباهه ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو