شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) سکر–شڪارپور قومي شاهراهه تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ سخت فائرنگ، لکي غلام شاهه ٿاڻي جو ايس ايچ او خميسو بروهي شهيد ٿي ويو. تفصيل موجب سکر–شڪارپور قومي شاهراهه تي ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ شديد فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ لکي غلام شاهه ٿاڻي جو ايس ايچ او خميسو بروهي فرض نڀائيندي شهيد ٿي ويو. واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ست کان وڌيڪ هٿياربند ڏوھارين سکر روڊ تي ناڪو لڳائي مسافر بسن ۽ ڪوچن کي روڪي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني. پوليس موجب اطلاع ملڻ شرط پوليس پارٽي بروقت واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن تي ڌاڙيلن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ايس ايچ او خميسو بروهي سخت زخمي ٿي پيو. کيس نازڪ حالت ۾ سکر جي هڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي شهيد ٿي ويو. واقعي جي اطلاع ملڻ شرط ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ پوليس جي وڏي نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو. پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڏوھارين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته فائرنگ ڪندي فرار ٿيندڙ ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ تعاقب پڻ جاري آهي. هوڏانهن سنڌ پوليس جي سربراهه جاويد عالم اوڊھو سکر–شڪارپور روڊ تي ڌاڙيلن خلاف بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيندڙ بهادر آفيسر ايس ايچ او خميسو بروهي کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. هن چيو ته شهيد آفيسر فرض جي راهه ۾ عوام جي حفاظت ڪندي پنهنجي قيمتي جان قربان ڪئي. سنڌ پوليس جي سربراهه شهيد جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي خاطري ڪرائي ته شهيد جي قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏبو ۽ انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو. هن شهيد آفيسر جي همت، فرض شناسي ۽ عظيم قرباني کي سلام پيش ڪندي چيو ته سنڌ پوليس کي پنهنجي بهادر شهيدن تي فخر آهي.










