15 سالن جو ڪاروبار ڪجهه لمحن ۾ ختم، عورت جي ڪهاڻي

15 سالن جو ڪاروبار ڪجهه لمحن ۾ ختم، عورت جي ڪهاڻي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گل پلازه ۾ باهه دوران جتي سوين واپارين جو سامان دڪانن سميت سڙي خاڪ ٿي ويو، اتي پنهنجي مڙس سان گڏ گارمينٽس جو ڪاروبار ڪندڙ عورت جي ڏک ڀري ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي جنهن جي سموري زندگي جي جمع ٿيل پونجي باهه ۾ سڙي وئي.انعم نالي عورت جي مڙس جي گذريل 15 سالن کان گل پلازه جي بيسمنٽ ۾ گارمنٽس جي دڪان هئي جتي ڇنڇر جي ڏينهن ئي لکين روپين جو مال وڌو ويو هو.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي انعم نالي عورت ٻڌايو ته 1998ع کان مڙس گل پلازه ۾ ڪم ڪندو هو تقريبن 15 سالن کان گارمينٽس جي پنهنجي دڪان هئي.هن ٻڌايو ته واقعي جي وقت مڙس ٻارن سميت دڪان ۾ موجود هو. اوچتو باهه لڳي، دونهون ڀرجي ويو جنهن کان پوءِ انڌيرو ڇائنجي ويو، اسان جلدي ۾ ڪجهه به نه کنيو.متاثره عورت ٻڌايو ته سيزن جي ڪري لکين روپين جو مال ڇنڇر جي شام جو دڪان ۾ وڌو هو. پر سمورو سامان باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. حڪومت کان درخواست آهي ته اسان جو جلد کان جلد ڪٿي بندوبست ڪري.انعم نالي عورت چيو ته ننڍن واپارين جو دارومدار انهن دڪانن کان علاوه ٻيو ڪجهه نه آهي. هاڻ گهر ڪيئن هلندو. ڪنهن ٻئي جڳهه ڪاروبار ڪرڻ آسان ناهي ڇو ته انهي جڳهه تي 15 سالن کان اسان جو ڪاروبار هو.

پهنجو تبصرو موڪليو