ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته هو دل جي بيمارين جي مفت علاج ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪندو.
اين آءِ سي وي ڊي جي 84 هين گورننگ باڊي جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي صحت واري وزير، ڪراچي جي ميئر، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽريز ۽ اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر صغير اجلاس کي بريفنگ ڏني.
ترجمان موجب، وڏي وزير اسپتال جي آپريشنل معاملن لاءِ 15.5 ارب رپين جي گرانٽ ان ايڊ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته اين آءِ ايس وي ڊي کي مالي سال 2025-26 ۾ 3.5 ارب رپين جي اضافي گرانٽ جي ضرورت آهي.
آفيسرن بريفنگ ۾ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير هاڻي تائين 10 ارب رپيا منظور ڪيا آهن، اين آءِ سي وي ڊي کي ڪل 4.6 ارب رپين جي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ۽ فنڊنگ جي کوٽ انتظامي ۽ سروس خرچن ۾ واڌ جي ڪري پيدا ٿي آهي.
ترجمان موجب، اسپتال ۾ چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ چيف فنانشل آفيسر جي فوري طور تي مقرري جي منظوري پڻ ڏني وئي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سي او او ۽ سي ايف او جي مقرري کليل مارڪيٽ ۽ مقابلي واري عمل ذريعي ٿيندي. قانوني ابهام ختم ڪيا ويندا ۽ اداري کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي عوام جي خدمت ڪرڻ جي قابل بڻايو ويندو. اين آءِ سي وي ڊي 200 کان وڌيڪ ٽيوي طريقيڪار مفت ۾ انجام ڏنا
مراد علي شاهه چيو ته خانگي اسپتالن ۾ ٽيوي جي طريقيڪار جي قيمت تقريبن 40 لک رپيا آهي، اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي 2024 ۾ 9925 پرائمري اينجيوپلاسٽي ڪئي، اين آءِ سي وي ڊي دنيا جو سڀ کان وڏو پرائمري اينجيوپلاسٽي سينٽر آهي، اسپتال بلوچستان ۾ پهريون ڀيرو ٻارن جي دل جي علاج جي سهولت فراهم ڪئي.
وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته بلوچستان ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارن جي سرجري ۽ 300 کان وڌيڪ مداخلتون مڪمل ڪيون ويون آهن، ۽ اسٽروڪ مداخلت پروگرام تحت 450 کان وڌيڪ طريقيڪار مڪمل ڪيا ويا آهن.










