ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ، خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون آهن. هي ويزن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت جو آهي. اسان کان پوءِ پنجاب حڪومت به اي وي بسون شروع ڪيون. اسان رڳو اي وي بسون تائين محدود نه رهياسين، پر اي وي اسڪوٽيز بھ شروع ڪيون ۽ هاڻي اي وي ٽيڪسيون شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته آئون سدائين ڪابينا ۾ اي وي گاڏين جي حمايت ڪندو آيو آهي. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته حڪومتون پيٽرول جي مد ۾ ڪيترو خرچ ڪن ٿيون ۽ اهڙي حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي جنهن سان پيٽرول جي بچت ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته سرڪاري آفيسن ۾ جنريٽرن تي به وڏا خرچ ايندا آهن، تنهن ڪري سنڌ حڪومت اسپتالن ۽ اسڪولن کي سولرائز ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته 5000 بسون تمام وڏو تعداد آهي. ايتريون بسون آڻڻ ۾ وقت لڳندو، ڇو ته اهي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ۽ مهانگيون آهن، جڏهن ته انفراسٽرڪچر جا مسئلا به آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽرن جي هڙتال مختلف سببن جي ڪري هئي. گذريل ڪجهه ڏينهن دوران اهڙا واقعا پيش آيا جن سبب روڊ بند رهيا. ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ کي باهه ڏيڻ جا واقعا به ٿيا. وفاقي حڪومت سان ڪجهه مطالبن جي ڪري ٽرانسپورٽرن احتجاج ڪيو هو. بهرحال، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت گڏجي ٽرانسپورٽرن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪيو ويو.










