ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان آئين تحفظ تحريڪ جا اڳواڻ گل پلازه پهچي ويا، مخالف ڌر اڳواڻ محمود اچڪزئي سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو.محمود خان اچڪزئي فوت ٿيلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، “فائر برگيڊ جون گاڏيون دير سان ڇو پهتيون؟ جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، علامه راجا ناصر عباس چيو ته باهه وسائڻ ۾ دير نااهلي جي ڪري ٿي، غفلت جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، وڏين عمارتن ۾ باهه وسائڻ جا اوزار هجڻ گهرجن.










