دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ جي واهڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگرد ٻيهر ڪوشش ڪن پيا ته ملڪ کي ڪنهن طريقي سان نقصان پهچايون اڄ کان ٻه هفتا اڳ ڪراچي مان دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي مواد هٿ ڪيو ويو هينئر به دهشتگردي جا خدشا موجود آهن دهشتگردي کي سڀني ادارن سان ملي شڪست ڏينداسين اين ايف سي بابت نيشنل فنانس ڪميٽي ٺهيل آهي ان ۾ ڳالهيون هلن پيون اين ايف سي ۾ الڳ الڳ تجويزون اچن پيون پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو نه ڪٽجي ايف بي آر کي پنهنجي آمدني وڌائڻ گهرجي جيڪو پوري ملڪ جي فائدي ۾ هوندو اهو ٿيندو هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته دادو ۾ نادر جمالي ڪيس کي گهرو وزير پاڻ مانيٽر ڪري پيو، جنهن جي شفاف جاچ ٿيندي لعل شهباز قلندر جي عرس جي نگراني آءُ پاڻ ڪريان پيو صوبي جي وزير اعليٰ طور قلندر جي عرس جا بهتر انتظام ڪرڻ لاءِ مانيٽرنگ ڪريان پيو.










