شهدادپور: موٽر سائيڪل ۽ مزدا ۾ ٽڪر، 2 سڳا ڀائر فوت

شهدادپور: موٽر سائيڪل ۽ مزدا ۾ ٽڪر، 2 سڳا ڀائر فوت

شھدادپور: (ن س) شھدادپور ۾ مقصودي رند ڀرسان ڳوٺ ٻاجهي رند پوليس پڪٽ اڳيان موٽر سائيڪل ۽ مزدا ۾ زوردار ٽڪرٿي پيو، ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻہ سڳا ڀائر هوٽل ھلائيندڙ عبدالحڪيم رند ۽ عبدالحفيظ رند فوت ٿي ويا جڏھن تہ ساڻن گڏ ننڍڙو شان علي رند زخمي ٿي پيو.لڱ ڪانڊاريريندڙ واقعي ۾ ٻن ڀائرن جي فوت ٿيڻ تي سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته مقصودي رند ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ سوڳوار ماحول پيدا ٿي ويو.انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي سڳا ڀائر معصوم نينگر سان گڏجي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي پورهئي لاءِ وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو