روزاني سنڌيار سرواڻ اعجاز مهر جي امڙ مٽي ماءُ حوالي،تعزيت جاري

روزاني سنڌيار سرواڻ اعجاز مهر جي امڙ مٽي ماءُ حوالي،تعزيت جاري

عادلپور/جان محمد سوسائٽي (رپورٽ اسلم مھر/غلام رسول مھر) سينئر صحافي ۽ تجزيانگار بي بي سي لنڊن جي اڳوڻي نمائندي روزاني سنڌيار اخبار جي سرواڻ اعجاز حسين مھر لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مھر ۽ سجاد حسين مھر جي والده ماجده مختصر عرصو بيمار رھڻ بعد ڪراچي جي نجي ضياء الدين اسپتال ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي سندس مڙھ کي ڪراچي کان ڳوٺ عارب مھر ۾ ايمبولنس ذريعي پھچايو ويو مرحومہ جي جنازي نماز سندس ڳوٺ عارب مھر ۾ ادا ڪئي جنازي نماز ۾ سنڌ بار ڪائونسل ميمبر ايڊووڪيٽ عبدالرزاق مھر ڊاڪٽر خالد حسين مھر سول جج ياسر عرفات مھر، چيئرمين منظور احمد سومرو سلطان احمد خان مھر ايڪسائيز انسپيڪٽر رفيق احمد خان مھر ھاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد مٺل مھر اڪبر خان مھر سميت سياسي سماجي اڳواڻن صحافين وڪيلن سميت ڪيترن ئي ڳوٺ جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي مرحومہ جي جنازي ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ کي اباڻي قبرستان پير بائد سلطان بگوشير بادشاه ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو جڏھن ته سندس وارثن اعجاز حسين مھر خالد حسين مھر سجاد حسين مھر نورحسن مھر عبدالرسول مھر فياض اعجاز مھر سان تعزيت جو سلسلو ضلعي گهوٽڪي جي انقلابي ڳوٺ عارب مھر ۾ ھلندڙ آھي،هوڏانهن خانپورمهر روزاني سنڌ يار اخبار جي ايڊيٽر سينئر صحافي اعجاز مهر جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، خانپورمهر جي صحافين پاران ڏک جو اظهار ،خبر موجب روزاني سنڌ يار اخبار جي ايڊيٽر اعجاز مهر چيئرمين تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو خالد مهر، سجاد مهر ۽ اختر مهر جي والده ڪجهه عرصو ناچاڪ رهڻ بعد ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. مرحومه جو مڙه ڪراچي مان گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ عارب مهر پهچايو ويو جتي سانجهي مهل نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي. نمازِ جنازه ۾ علائقي واسين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي نمازِ جنازه بعد مرحومه جو مڙه ڳوٺ جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن خانپورمهر جي صحافين آفتاب سيال، عظيم سيال، غلام شبير سيال،خان محمد پتافي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي شڪارپور جي صحافين پاران اعجاز مھر سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو، خبر موجب روزاني سنڌيار جي سرواڻ اعجاز مھر جي امڙ جيجل جي لاڏاڻي تي روزاني سنڌيار شڪارپور جي رپورٽر عبدالخالق سومرو، شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ، جنرل سيڪريٽري وحيد بروهي، شڪارپور يونين آف جرنلسٽس جي صدر زاھد نون، جنرل سيڪريٽري لالا اسرار پٺاڻ، سلطان رند، رحيم بخش جمالي ، عارف قريشي، سلطان سومرو ، سارنگ منير سومرو ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪندي اعجاز مھر سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ امڙ مرحومه جي بلند درجات جي دعا ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو