ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسپيڪر صوبائي اسيمبلي سنڌ سيد اويس قادر شاهه پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي نوابزاده عامر علي خان مگسي پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ قانون ساز ادارن وچ ۾ سهڪار جي واڌ، پارلياماني رابطن کي مضبوط ڪرڻ، اثرائتي قانونسازي، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته جمهوري نظام جي استحڪام لاءِ سڀني قانون ساز ادارن وچ ۾ ويجهن رابطن ۽ صلاح مشورن جي انتهائي ضرورت آهي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين وچ ۾ رابطن سان قانونسازي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻجي سگهي ٿو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته پارلياماني سهڪار نه رڳو عوامي مسئلن جي حل ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو پر جمهوري قدرن ۽ ادارن جي استحڪام کي به هٿي ڏئي ٿو. هن پارلياماني سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته صوبائي ۽ وفاقي قانون ساز ادارن وچ ۾ تجربن جي ڏي وٺ سان قانونسازي جي معيار ۾ بهتري ايندي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ ايندڙ فيبروري جي مهيني ۾ سنڌ اسيمبلي جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ سائوٿ ايسٽ ايشيا ريجنل ڪانفرنس بابت پڻ آگاهي ڏني. وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي پارلياماني رابطن جي واڌ کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي قومي مفاد ۾ پاليسي سازي لاءِ لازمي آهي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، قومي مفاد سان لاڳاپيل اهم معاملن ۽ ٻين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










