اوٻاوڙو (رپورٽر غلام علي رند )ٿاڻو ريتي جي حدن ۾ ڳوٺ سومرو کَمڀڙا ۾ قتل ٿيل نينگري جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. قتل ڪيس ۾ ملوث مرڪزي جوابدار، درنده صفت پيءُ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي۔تفصيل موجب، مورخہ 4 جنوري 2026 تي پوليس کي اطلاع مليو ته ٿاڻو ريتي جي حدن، ڳوٺ سونو کَمڀڙا ۾ 17/18 ورهين جي نينگري فاطمه ڌيءَ محمد ايوب کَمڀڙا کي قتل ڪيو ويو آهي۔ اطلاع ملندي ئي ٿاڻو ريتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ ورتو هو۔واقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي محمد انور کھیتران سخت نوٽيس وٺندي قتل ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاري ۽ قتل جي سببن جي جاچ لاءِ پوليس ٽيم تشڪيل ڏني هئي۔تشڪيل ڏنل ٽيم واقعي جو هر پهلوءَ کان جائزو ورتو ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي جوابدارن جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪيون۔اڄ ڊي ايس پي اوباورو عبدالقادر سومرو ۽ احسان مھر سندس ٽيم مخفي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث درنده صفت پيءُ جوابدار محمد ايوب ولد نبي بخش کَمڀڙا کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔جاچ دوران جوابدار قتل جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ انڪوائري جاري آهي۔










