پي ٽي آءِ 8 فيبروري واري ڪال واپس وٺي،ناصر شاهه

پي ٽي آءِ 8 فيبروري واري ڪال واپس وٺي،ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلدياتي، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پوري ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته انهن منصوبن جي تڪميل سان شهر ۾ نمايان سڌارو ايندو ۽ منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ انهن ترقياتي منصوبن جي نگراني ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه ڪورنگي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن (ٽي ايم سي) ۽ نادرا جي وچ ۾ معاهدي جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. تقريب ۾ وڏي وزير جي خاص معاون نجمي عالم، علي راشد، چيئرمين ٽي ايم سي ڪورنگي، ڊي جي نادرا سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٽي ايم سي ڪورنگي ۽ نادرا جي وچ ۾ ٿيل معاهدي سان لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا. هن تقريب ۾ جماعت اسلامي، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي جماعتن جي نمائندن جي شرڪت کي خوش آئند قرار ڏنو. هن زور ڏنو ته سڀني سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي گڏجي ڪراچي جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال کي هر سال اربين رپين جي گرانٽ فراهم ڪري ٿي، جنهن مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪورنگي جا عوام حاصل ڪن ٿا. سنڌ جي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي سنڌ ۾ مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويو، پر پي ٽي آءِ سنڌ جي مهمان نوازي جو ناجائز فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن الزام هنيو ته اهي ڪراچي ۾ هڪ ٻي 9 مئي جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهيندا هئا، جنهن کي صوبائي حڪومت پنهنجي دانائي ۽ بروقت قدمن سان ناڪام بڻائي ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو