ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي قائدآباد مانسهره ڪالوني ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ عورت مارجي وئي جڏهن ته ٻئي سخت زخمي ٿي پئي آهي.ريسڪيو اختيارين موجب ٻئي عورتون مقامي فيڪٽري مان ڪم ختم ڪري ٻاهر نڪتيون هيون ته اوچتو فائرنگ جو نشانو بڻجي ويون. زخمي عورتن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هڪ عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻئي عورتون زخمي ٿيون پر هڪ عورت اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي وئي. ايس ايس پي ملير ٻڌايو ته مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ اسما جي نالي سان ٿي آهي. جوابدارن سڌو سنئون هڪ عورت جي مٿي تي گولي هنئي جڏهن ته ٻئي عورت فائرنگ جي وچ ۾ اچي زخمي ٿي پئي.مارجي ويل عورت جي مڙس هارون اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته منهنجي گهر واريي اسما هڪ فيڪٽري ۾ نوڪري ڪندي هئي انهي جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي مون کي خبر نه آهي ته منهنجي گهر واري کي ڪنهن ۽ ڇو قتل ڪيو آهي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا جي لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن به جاري آهي.










