خراب موسم ۽ انتظامي مسئلا، 4 اڏامون رد، 67 دير جو شڪار

خراب موسم ۽ انتظامي مسئلا، 4 اڏامون رد، 67 دير جو شڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)خراب موسم ۽ انتظامي مسئلن جي ڪري اڄ 4 پروازون رد ڪيون ويون، جڏهن ته 67 پروازون دير جو شڪار آهن.پرواز جي شيڊول موجب، پشاور ۽ دوحا جي وچ ۾ 2 پرڏيهي ايئر لائن جون پروازون رد ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه لاهور ۽ مشهد جي وچ ۾ 2 پرڏيهي ايئر لائن جون پروازون رد ڪيون ويون آهن.پرواز جي شيڊول موجب، اسلام آباد ايئرپورٽ تان 27 پروازون 1 کان 5.5 ڪلاڪ دير سان آهن.پشاور ايئرپورٽ تان 6 پروازون، ملتان کان 5، ڪراچي کان 16، جڏهن ته لاهور کان 10 پروازون دير سان آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو