ڏهرڪي ( رپورٽ منظور لفاري ) ڏھرڪي ويجھو مهاڻا پل وٽ لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مبينا مقابلو، فائرنگ، ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھاري جي سڃاڻپ پنوعاقل واسي شفيق احمد چاچڙ طور ٿي آھي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوهاري کان پسٽل ۽ گوليون برآمد ڏوهاري ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا جن گشت دوران پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، مقابلو ٿي پيو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا آهن زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھاري پوليس مقابلي، چوري ۽ ڦر سميت مختلف سنگين قسم جي ڏوھن ۾ گھربل ھو، ڏوهي رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوهاري کي سرڪاري اسپتال ڏھرڪي منتقل ڪيو ويو آهي گرفتار ٿيل جوابدار ۽ فرار ٿيل ساٿين مٿان ڏهرڪي ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي










