حيدرآباد: (ن س ) وين ۽ ٽرالي جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ۽ ست مسافر زخمي ٿي پيا.حادثو ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو جام روڊ تي ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ تيز رفتار وين مخالف طرف کان ايندڙ ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ وين کي سخت نقصان پهتو ۽ مسافر وين ۾ ڦاسي پيا. حادثي جي اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهن جو وڏو انگ موقعي تي گڏ ٿي ويو ۽ پنهنجي مدد سان زخمين کي وين مان ٻاهر ڪڍيو.ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس پڻ فوري طور تي حادثي واري هنڌ پهچي ويون ۽ بچاءُ جون ڪارروايون شروع ڪيون. حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي لاش ۽ سڀني زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.سول اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب حادثي ۾ ڪل اٺ زخمي مسافرن کي اسپتال آندو ويو، جن مان هڪ زخمي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري علاج دوران فوت ٿي ويو. باقي ست زخمين کي مختلف وارڊن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثو تيز رفتاري ۽ روڊ تي احتياط نه ڪرڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته روڊ جي خراب حالت پڻ حادثي جو هڪ وڏو سبب هئي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ حادثي جي اصل سببن جو تعين ڪرڻ لاءِ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.










