ڪراچي: ايف بي ايريا لڳل ٽريلر جي باهه وسائي وئي

ڪراچي: ايف بي ايريا لڳل ٽريلر جي باهه وسائي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ فيڊرل بي ايريا جي بلاڪ 14 ۾ هڪ ٽريلر ۾ باهه وسائي وئي آهي. ريسڪيو ذريعن موجب، ٽريلر ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع ملڻ کان پوءِ فائر برگيڊ جون گاڏيون روانيون ڪيون ويون ۽ باهه تي ضابطو آندو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽريلر ڪافي عرصي کان ساڳئي هنڌ تي بيٺو هو ۽ اڄ رات اوچتو ان ۾ باهه لڳي وئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريلر ۾ باهه لڳڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي. واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو