ڪراچي (اسٽاف پورٽر) سڄن ملڪ جي اڏن جي جديد اوزار لڳائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن موجب نيون ۽ جديد اسڪيننگ مشينون لڳايو وينديون ذريعن پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي ۽ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي اڏن تي جديد مشينون لڳائڻ لاءِ سروي مڪمل ڪري ورتوآ هي نيون مشينون لڳائڻ سان مسافرن جي سامان جي بروقت اسڪيننگ ٿي سگهندي سيڪيورٽي کي موثر بڻايو ويندو ، سول اويئيشن پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي ، اي ايس ايف منصوبي تي گڏيل طور ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سي اي اي جي ماتحت نيون مشينون لڳائيندا هن قدم سان مسافرن کي سهولت ملندي سامان جي جاچ ۾ وقت بچندو آذريعن جو چوڻ آهي ته جديد اسڪيننگ مشين جو هي منصوبو اربين رپين جو آهي جنهن موجب ڪراچي اسلام آباد لاءِ ۽ ملڪ جي سمورن اڏن تي مشينون لڳايو وينديون نين مشينز جي ڪري ايئرپورٽ تان هر قسم جي اسملنگ کي روڪڻ ۾ آساني ٿيندي ۽سيڪيورٽي قدم اڃا وڌيڪ محفوظ ٿيندا










