ڪچي ۾ آپريشن شروع، ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويندو:  لنجار

ڪچي ۾ آپريشن شروع، ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويندو: لنجار

سکر (ن س) سنڌ جي گهرو واري وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سکر ۽ لاڙڪاڻي رينجز ۾ امن امان جي گڏيل صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب سميت لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ڏوهن خلاف جاري پوليس قدمن، آپريشنل اڳڀرائي ۽ حاصل ڪيل ڪاميابين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ پوليس دستا مڪمل طور تي متحرڪ ۽ الرٽ آهن، ڌاڙيلن جي پناهگاهن کي مسمار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سندن سهولتڪارن خلاف به بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري آهن. جديد ٽيڪنالاجي، ڊرون سرويلنس ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ذريعي ڏوهاري عنصرن جو موثر پيڇو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ پوليس جي مستقل موجودگي سان ڏوهن جي پاڙ پٽڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. گهرو واري وزير وڌيڪ چيو ته آپريشن دوران غلطيون ٿي وينديون آهن، ۽ جيڪڏهن ڪا به مشڪل پيش اچي ٿي ته سنڌ حڪومت پوليس سان گڏ بيٺي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي گهرو واري وزير پوليس جي پروفيشنل ڪارڪردگي کي اطمينان جوڳو ۽ ساراهه جوڳو قرار ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ڪچي توڙي پڪي جي علائقن مان ڏوهن جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. هن واضح ڪيو ته رياستي رٽ کي چيلنج ڪندڙن سان ‘زيرو ٽالرنس’ پاليسي تحت سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو ۽ ڪنهن کي به قانون کان مٿانهون نه سمجهيو ويندو. گهرو واري وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته گهوٽڪي مان ڌاڙيلن خلاف شروع ڪئي ويندڙ ميگا آپريشن لاءِ گهربل لاجسٽڪ سپورٽ، جديد ڊرون، اسلحو، گولا بارود ۽ گاڏين بابت سفارشون فوري طور تي موڪليون وڃن، جن کي بنا دير منظور ڪيو ويندو. هن چيو ته آپريشن جون ضرورتون ۽ وسيلا وقت سان گڏ تبديل ٿيندا رهندا آهن، تنهنڪري لاڳاپيل ادارا وقت سر آگاهي ڏين ته جيئن ميگا آپريشن ڪنهن به لمحي متاثر نه ٿئي ۽ انهن درنده صفت انسانيت دشمن عنصرن جي خاتمي جو سلسلو مسلسل جاري رهي سگهي. گهرو واري وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته ميگا آپريشن جي هو پاڻ به لمحي لمحي جي مانيٽرنگ ڪندو. اجلاس دوران سنڌ جي گهرو واري وزير آءِ جي سنڌ کي هدايتون ڏنيون ته هو پاڻ آءِ جي پنجاب ۽ آر پي او بهاولپور سان رابطو ڪري ۽ کين اعتماد ۾ وٺي گڏيل ميگا آپريشن بابت سمورا ضروري قدم يقيني بڻائي. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي گڏيل سهڪار سان ڏوهاري عنصرن خلاف موثر ڪارروايون جاري آهن ۽ مستقبل ۾ به گڏيل حڪمت عملي تحت قدم جاري رهندا. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ اجلاس کي هدايتون ڏنيون ته ميگا آپريشن لاءِ گهربل وسيلن تي ٻڌل سفارشون جلد موڪليون وڃن ته جيئن سنڌ حڪومت پاران سموري سپورٽ ۽ توثيقي قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گهرو واري وزير چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي رينج جي اختيارين سان تفصيلي ملاقات ٿي آهي ۽ اڄ کان پوءِ سکر ۽ ڪشمور جي ضلعن تي خاص توجه ڏني ويندي. هن ٻڌايو ته سنڌ مان اغوا ٿيل ماڻهن کي پنجاب مان بازياب ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ رينجرز ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جو ڀرپور سهڪار رهيو، جنهن تي اسين پنجاب حڪومت جا شڪرگذار آهيون. گهرو واري وزير واضح ڪيو ته نالي چڙهيل ڌاڙيل هجن يا ڪو به ڏوهاري، قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ سمورن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، سنڌ پوليس ۾ اها صلاحيت آهي ته هو حالتن تي مڪمل ڪنٽرول رکي سگهي، فوج جي ضرورت پيش نه ايندي. هن چيو ته ڌاڙيلن کي آخري موقعو ڏنو پيو وڃي ته هو هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي وڃن، ٻي صورت ۾ رياستي قوت ذريعي سندن خاتمو ڪيو ويندو. آخر ۾ سنڌ جي گهرو واري وزير ان عزم کي ورجايو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ صوبي ۾ پائيدار امن جي قيام تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو